APP78-04 ISLAMABAD: September 04 – Prime Minister Imran Khan chairs a meeting regarding Small & Medium Enterprises at PM Office. APP

اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته سمورين وزارتن ۾ ڪاروبار سان لاڳاپيل عمل کي آسان ترين بڻائڻ ۽ غيرضروري اجازتنامن ۽ ضابطن کي ختم ڪرڻ تي ڪم تيز ڪيو وڃي ۽ ان بابت هفتيوار رپورٽ پيش ڪئي وڃي. هن اها هدايت سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز جي لاءِ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي حوالي سان کنيل قدمن تي بريفنگ جي صدارت ڪندي ڏني.