APP35-06 LAHORE: July 06 - Special Assistant to Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr Firdous Ashiq Awan talking to media persons before meeting the All Pakistan Anjuman-e-Taajran at local hotel. APP photo by Mustafa Lashari

لاهور – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مريم نواز پاران جاري آڊيو وڊيو ٽيپ قوم کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش آهي، اها وڊيو هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ وقت پيش ڇو نه ڪئي وئي، اهو هڪ جج نه پر پوري عدليه تي حملو ڪيو آهي وڊيو سان (ن) ليگ جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي سهارو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن ڀيري به ناڪامي ٿيندي، مريم نواز جي ٽيپ جي دعويٰ جي حقيقت فرانزڪ آڊٽ کانپوءِ سامهون ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ آل پاڪستان انجمن تاجران جي عهديدارن سان ملاقات کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.