هوسٽن – 15 اپريل (اي پي پي) پاڪستاني ٽينس اسٽار اعصام الحق پنهنجي ساٿي رانديگر ميڪسيڪو جي سينيٽياگو گونزاليز سان گڏجي برطانوي رانديگر اسڪوپسڪي ۽ ڪين اسڪپسي کي شڪست ڏئي ڇڏي. ٽائٽل مقابلي جو اسڪور 3-6، 4-6 ۽ 10-6 رهيو. ميڊيا رپورٽن مطابق پنهنجي ڪاميابين جي حوالي سان اعصام الحق چيو ته هن کي وڌيڪ هڪ ٽائٽل کٽڻ تي خوي ٿي آهي ۽ هو پرڏيهه ۾ پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪائڻ ۾ ڪامياب رهيو.