APP64-01 ISLAMABAD: February 01 – Federal Minister for Information and Broadcasting, Chaudhry Fawad Hussain meeting with Ms Wendy Christins Gilmour, High Commissioner of Canada to Pakistan. APP

اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل فائدي لاءِ ڪينيڊا سان تعاون جي شعبن کي سگهه ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي وٺي رهي آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر وينڊي ڪرسٽائين گيلمر سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي.