APP65-01 ISLAMABAD: February 01 – Federal Minister for Inter Provincial Coordination, Dr Fehmida Mirza calls on Speaker National Assembly, Asad Qaiser. APP

اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا اسپيڪر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ رابطن سميت ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي اسپيڪر چيو ته ملڪي ترقي لاءِ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ هن آهنگي ۽ رابطن جو هجڻ ضروري آهي.