APP34-24 ISLAMABAD: July 24 – Federal Minister for IBNH&LH Barrister Syed Ali Zafar cutting ribbon to inaugurate Election Media Center for General Election-2018 at Press Information Department. APP photo by Javed Qureshi

اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر ميڊيا کي اڄ اربع ڏينهن سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي ڪوريج ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ تصديق ٿيل ۽ وقت سر چونڊ نتيجن تائين پهچ جي لاءِ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ قائم ڪيل اليڪشن سيل جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، چونڊن ۽ نتيجن جو مرحلو مڪمل ٿيڻ تائين ميڊيا سيل 24 ڪلاڪ ڪم جاري رکندو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سيد علي ظفر پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ قائم اليڪشن سيل جو باقاعده افتتاح ڪيو. پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) شفقت جليل، ڊپٽي ڊي جي هوم پبلسٽي، ڊائريڪٽر شفقت عباس سميت پي آءِ ڊي جا ٻيا عملدار پڻ موجود هئا.