APP78-30 ISLAMABAD: April 30 - Foreign Minister of Kenya Ambassador Dr. Monica Juma called on Prime Minister Shahid Khaqan Abbasi. APP

اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ڪينيا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر مونيڪا جوما وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ساڻس پاڪستان ۾ ڪينيا جو هاءِ ڪمشنر پڻ گڏ هو. ڪينيا جي پرڏيهي وزير ڪينيا جي صدر جي خصوصي نمائندي طور پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي جنهن جو مقصد وزيراعظم کي ڪينيا جي دوري جي دعوت پهچائڻ آهي. ملاقات دوران وزيراعظم هن مهيني جي شروع ۾ برطانيا ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهه اجلاس جي موقعي تي ڪينيا جي صدر سان خوشگوار ملاقات جو ذڪر ڪيو.