اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ متحد آهي، ملڪ جي مختلف حصن ۾ دهشتگردي ۽ لاقانونيت جا مسئلا درپيش رهيا آهن جن تي گهڻي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي، آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابي کانپوءِ هاڻي آپريشن ردالفساد ذريعي دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، حڪومت دهشتگردي جهڙي فتني کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن ايوان صدر ۾ ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا جي تربيت هيٺ آفيسرن سان ملاقات دوران چئي ان موقعي تي ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا جي تربيت هيٺ آفيسرن کانسواءِ اعليٰ عملدار موجود هئا.