اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ جهانگير بدر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ صدر عملي سياست ۾ جهانگير بدر جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته جمهوريت لاءِ سندس قربانين کي سدائين ياد رکيو ويندو.