APP66-08 ISLAMABAD: November 08 - Prime Minister Muhammad Nawaz Sharif chairs meeting on PIA and Aviation Affairs at PM House. APP

اسلام آباد – 08 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته نئون اسلام آباد ايئرپورٽ جدت آميزي جو عالمي شاهڪار هوندو ۽ ان سان پاڪستان جو تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن وارو تشخص وڌيڪ اجاگر ٿيندو، هن اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم هائوس ۾ پي آءِ اي ۽ شهري هوا بازي معاملن بابت هڪ اجلاس ۾ اظهار ڪندي ڪيو، وزيراعظم نئين اسلام آباد ايئرپورٽ تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته نئين ايئرپورٽ جي سڀني تعميراتي پيڪيجن تي ڪم جاري آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته راولپنڊي کان نئين اسلام آباد ايئرپورٽ تائين لنڪ روڊ پراجيڪٽ کي مارچ 2017ع تائين مڪمل ڪيو وڃي