APP09-08 ISLAMABAD: November 08 - Minister of State for Federal Education & Professional Training, Engr. Muhammad Baligh Ur Rehman and Chairperson National Commission for Human Development, Mrs. Razina Alam Khan called on President Mamnoon Hussain at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 08 نومبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين هدايت ڪئي آهي ته پوئتي پيل طبقن جي اڻپڙهيل ٻارن کي تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ انهن کي معاشي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ جامع منصوبي تحت ڪم ڪيو وڃي. صدر اها هدايت انساني ترقي بابت قومي ڪميشن (اين سي ايڇ ڊي) جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڏني. وفد تعليم ۽ فني تربيت واري مملڪتي وزير انجنيئر بليغ الرحمان جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اين سي ايڇ ڊي جي چيئرپرسن روزينه عالم به موجود هئي جنهن صدر کي اداري جي سالياني رپورٽ به پيش ڪئي.