اسلام آباد – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته وزيراعظم جي محنت، شوق ۽ موثر پاليسين جي ڪري ٽن سالن دوران دهشتگردي تي ڪافي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي، پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذيلي اداري پاڪستان پيس ڪليڪٽو (پي پي سي) جي اهتمام هيٺ عزم پاڪستان ايوارڊ 2016ع جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.