اسلام آباد – 26 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته حڪومت عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي، مسلم ليگ (ن) جا قومي اسيمبلي ميمبر عوام جي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪن. هن اها ڳالهه پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبرن سان وزيراعظم هائوس ۾ ڌار ڌار ملاقاتن ۾ چئي. جن ۾ بابر نواز خان (اين اي 119)، سيد محمد ثقلين بخاري (اين اي 182) ۽ ملڪ سلطان محمود (اين اي 176) شامل هئا. وزيراعظم چيو ته اسان جو ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل تي ڌيان آهي، اميد آهي ته الله تعاليٰ جي فضل سان ملڪ ۽ عالمي دنيا ۾ پنهنجو اعليٰ مقام حاصل ڪندو.