اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته فنڪار اسان جو قومي اثاثو آهن، انهن جي ثقافتي شعبي ۾ خدمتن جي نتيجي ۾ پاڪستان جو ٻاهرئين ملڪ بهتر تشخص اڀري ٿو. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ فيڊرل گورنمينٽ آرٽسٽ ويلفيئر فنڊ جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي پنجين اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي چئي جتي فنڪارن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن تي خيالن جي مٽاسٽا ڪئي وئي.