اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي بابت وفاقي وزارت چيو آهي ته هلندڙ مالي سال جي شروعات ڪلي معيشت جي استحڪام سان ٿيو، آگسٽ ۾ مهانگائيءَ جي سراسري شرح 4 ۽ 5 سيڪڙو وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي، اؤسر جا امڪان وڌيڪ آهن، وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ بحاليءَ جو عمل جاري آهي، حڪومت طرفان سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ لاءِ سهولتن جي فراهميءَ سان اؤسر جي شرح ۾ تيزي آڻڻ ۽ مهانگائيءَ جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. ناڻي وزارت موجب آمريڪا سان ويجهڙ ۾ واپاري معاهدي جي نتيجي ۾ پاڪستان جي روانگي واپار ۾ نمايان واڌ جا امڪان روشن آهن، سمنڊ پار پاڪستانين طرفان پرڏيهه مان موڪليل ناڻي ۾ واڌ جا رجحان برقرار رهندا ۽ ان سان واپاري خساري جي نتيجي ۾ پيل دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اها ڳالهه ناڻي وزارت طرفان جاري ڪيل ماهوار اقتصادي اپ ڊيٽ ۾ چئي وئي آهي. ناڻي وزارت موجب ملڪ جي مختلف حصن ۾ سانوڻي جي برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيل نقصانن سان مالي دٻاءُ ۽ متاثر علائقن ۾ کاڌي پيتي جي شين جي سپلاءِ چين ۾ رنڊڪون پيش اچي سگهن ٿيون. ناڻي وزارت طرفان جاري ڪيل اپ ڊيٽ موجب جولاءِ ۾ پرڏيهه مان موڪليل ناڻي جو ڳاڻيٽو 3.21 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جولاءِ جي 2.99 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 7.4 سيڪڙو وڌيڪ آهي. جولاءِ ۾ روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 2.74 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو جولاءِ 2025ع جي 2.36 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 16.2 سيڪڙو وڌيڪ آهي. جولاءِ ۾ پاڪستان جو آمدني بل 5.42 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جولاءِ 4.84 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 11.8 سيڪڙو وڌيڪ آهي. جولاءِ ۾ مجموعي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جو ڳاڻيٽو 163.5 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جولاءِ جي 363.4 ملين ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 55 سيڪڙو گهٽ آهي. 15 آگسٽ تي اسٽيٽ بئنڪ وٽ ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 14.3 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ 5.3 ارب ڊالر هو. گذريل سال 16 آگسٽ ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 9.3 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ 5.4 ارب ڊالر هو. 27 آگسٽ تي ايڪسچينج ريٽ 281.8 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، گذريل سال 27 آگسٽ تي ايڪسچينج ريٽ 278.3 ارب رپيا هو. جولاءِ دوران ايف بي آر جي محصولن جو ڳاڻيٽو 757.4 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جولاءِ جي 659.8 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 14.8 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل مالي سال دوران مالي خسارو 6.16 ٽريلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، مالي سال 2024ع ۾ مالي خساري جو ڳاڻيٽو 7.20 ٽريلين رپيا هو. مالي سال 2025ع ۾ پرائمري بيلنس جو ڳاڻيٽو 2.71 ٽريلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو مالي سال 2024ع ۾ 952.9 ارب ڊالر هو. 30 جولاءِ تي وياج جي شرح 11 سيڪڙو جي سطح تي رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا گذريل سال جولاءِ ۾ 11.1 سيڪڙو ۽ سڄي مالي سال دوران 4.5 سيڪڙو هئي. رپورٽ موجب پاڪستان جي ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ نمايان تيزي اچي رهي آهي جنهن سان ملڪي معيشت لاءِ کنيل قدمن تي سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي. 27 آگسٽ تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪچسينج جا ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 147497 پوائنٽس رڪارڊ ڪيا ويا جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 89 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل سال 27 آگسٽ تي ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 78084 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو ويو هو. 27 آگسٽ تي مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن جو ڳاڻيٽو 62.20 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 66 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل سال 27 آگسٽ تي مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن جو ڳاڻيٽو 37.46 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. جولاءِ ۾ نئين ڪمپنين جي رجسٽريشن ۾ سالياني بنيادن تي 41.6 سيڪڙو نمايان واڌ ٿي. جولاءِ ۾ 4065 نئين ڪمپنين جي رجسٽريشن ٿي. گذريل سال جولاءِ ۾ 2871 نئين ڪمپنين جي رجسٽريشن رڪارڊ ڪئي وئي هئي.