اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چناب درياهه جو دؤرو ڪيو ۽ اُتي موجود ريسڪيو اهلڪارن جي فرضن، عوامي خدمت ۽ اڻٿڪ محنت کي ساراهيندي کين خراجِ تحسين پيش ڪيو. وزارت موجب وفاقي وزير چيو ته ريسڪيو ادارن جي محنت ۽ قربانين جي نتيجي ۾ ئي قيمتي جانين کي محفوظ بڻايو ويو آهي. وفاقي وزير مقامي ماڻهن سان ڳالهيون ڪيون ۽ سندن خدشا ۽ مسئلا ٻُڌا. هن چناب درياهه جي ڪنارن تي ڪيل حفاظتي ۽ انتظامي قدمن جو به تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي پنهنجي پهرين ترجيح سمجهي ٿي. ٻوڏ جي خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا ته جيئن ڪنهن به امڪاني هنگامي صورتحال ۾ وقت سر ۽ اثرائتو ردِعمل يقيني بڻائي سگهجي.