اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سانوڻي جي برساتن کانپوءِ ٻوڏ جي صورتحال کان مڪمل طور تي آگاهه آهي، وفاقي حڪومت صورتحال تي سخت نظر رکي آهي، وزيراعظم ستلج درياءَ ۽ ٻين متاثر جاين تي متاثرين کي ريليف ڪئمپن ۾ منتقل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن، ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اين ڊي ايم اي صوبائي حڪومتن ۽ پي ڊي ايم ايز سان ويجهي رابطي ۾ آهي. اها ڳالهه هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ بحالي جي سرگرمين بابت جائزه اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ پڻ ساڻس گڏ هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ سانوڻي جي برساتن کانپوءِ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزه اجلاس ٿيو. اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ اجلاس کي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ سمورن ڊيمن ۽ دريائن ۾ پاڻي جي وهڪري بابت اجلاس کي آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته اجلاس ۾ سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽرين سميت گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جا نمائندا پڻ موجود هئا. هن چيو ته ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اين ڊي ايم اي صوبائي حڪومتن ۽ پي ڊي ايم ايز سان ويجهي رابطي ۾ آهي. وفاقي وزير چيو ته اجلاس ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ موسم جي صورتحال جي ڏس ۾ ريليف ۽ ريسڪيو قدمن جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ان حوالي سان ڪيتريون ئي ڪوششون جاري آهن. وفاقي حڪومت صورتحال تي مسلسل نظر رکيل آهي جڏهن ته وزيراعظم صورتحال کان مڪمل طور تي آگاهه آهي. هن چيو ته وزيراعظم حڪم جاري ڪيا آهن ته وڌيڪ موثر قدم کنيا وڃن، ستلج درياءَ ۽ ٻين جاين جتي پاڻي جي وهڪري ۾ اضافو ٿيو آهي، اتي مقامي آبادي کي فوري طور تي ريليف ڪئمپن ۾ منتقل ڪري انهن جي مڪمل سارسنڀال کي يقيني بڻايو وڃي.