اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن جي انخلا جي لاءِ جاري آپريشن تيز ڪرڻ ۽ متاثر علائقن ۾ خوراڪ، دوائن ۽ تنبوئن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۽ امدادي ڪاررواين جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم هدايت ڪئي ته ستلج درياءَ جي ٻوڏ کان متاثر پنجاب جي ضلعن ۾ ريسڪيو آپريشنز تيز ڪيو وڃي. هن ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن جي انخلا جي لاءِ جاري آپريشن ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ، متاثر علائقن ۾ خوراڪ، دوائن ۽ تنبو جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين کي پنجاب جي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي اداري سان مڪمل رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۽ امدادي سرگرمين تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ستلج درياءَ ۾ ٻوڏ جي حوالي سان اڳواٽ اطلاع جي ڪري آبادي جي انخلا جي ڪري متاثر علائقن مان هيستائين ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع ناهي ملي. ستلج درياءَ جي ٻوڏ کان متاثر ضلعن ۾ لاڳاپيل ادارن جا ريسڪيو آپريشنز جاري آهن، هيستائين هڪ لک 74 هزار 74 ماڻهن کي محفوظ جاين تي پهچايو ويو آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته نارووال ضلعي ۾ لهري بند جي ٻوڏ کان متاثر علائقي مان مقامي آبادي جي انخلا کي يقيني بڻايو پيو وڃي، خيبرپختونخواهه صوبي جي متاثر علائقن ۾ بجلي جي بحالي جو ڪم جاري آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گلگت بلتستان ۾ قومي شاهراهه جو 2 ڪلوميٽر جو علائقو ٻڏ جي ڪري پاڻي هيٺ آهي جنهن جي بحالي جو ڪم جاري آهي، ستلج درياءَ ۾ گنڊا سنگهه والا، سليمانڪي، راوي درياءَ ۾ جسٽر ۽ چناب درياءَ ۾ مرالا جي جاين تي مٿئين درجي جي ٻوڏ آهي، نالا ڊيڪ ۾ به شديد ٻوڏ واري صورتحال آهي، ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن ۾ لاهور، گوجرانوالا، گجرات، راولپنڊي ڊويزنز، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعن ۾ شديد برساتون جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ ڪيترين ئي جاين تي پڻ برساتون متوقع آهن. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار يوسف، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر توقير شاهه ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.