اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان کي عالمي ورچوئل اثاثا معيشت ۾ قائداڻو مقام ڏيارڻ ۾ پاڪستان ورچوئل اسيٽس ريگيوليٽري اٿارٽي جو ڪردار اهميت رکي ٿو. هن اها ڳالهه پاڪستان ورچوئل اسيٽس ريگيوليٽري اٿارٽي بورڊ جي پهرين اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. اجلاس ۾ وفاقي وزير کي خاص طور تي دعوت ڏني وئي هئي. ڪرپٽو بلاڪ چين بابت مملڪتي وزير بلال بن ثاقب، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، آءِ ٽي وزارت ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت جا سيڪريٽري، ۽ ٻيون اهم شخصيتون ۽ نمائندا به موجود هئا. پنهنجي خطاب ۾ وفاقي وزير پي وي اي آر اي جي قيام کي پاڪستان جي معاشي ارتقا ۾ هڪ انقلابي سنگ ميل قرار ڏنو. هن ان اٿارٽي جي اهم ڪردار تي زور ڀريو جيڪا پاڪسان کي عالمي ورچوئل اسيٽس معيشت بڻائڻ ۾ قائداڻو مقام ڏيارڻ ۾ مددگار هوندي. ناڻي واري وزير پاڪستان ڪرپٽو ڪائونسل جي بنيادي ڪردار ۽ اسٽيڪ هولڊرز، ادارن ۽ ماهرن سان وسيع مشاورت تي شڪريو ادا ڪيو جن جي ڪري پي وي اي آر اي جي قيام ۾ مدد ملي. اجلاس ۾ اهم ترجيحن تي غور ڪيو ويو جن ۾ پي وي اي آر اي کي عالمي اينٽي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي مالي مدد روڪڻ جي معيارن سان هم آهنگ بڻائڻ، ورچوئل اسيٽس ۾ مهارت رکندڙ آزاد ڊائريڪٽرز جي منظوري لاءِ سفارشون ڪرڻ ۽ اٿارٽي جي بنيادي فريم ورڪ جي جوڙجڪ شامل آهي. نمايان اڳڀرائي لاءِ بورڊ خاص ڪميٽين جي قيام جو فيصلو ڪيو جيڪو سينڊ باڪس ايڪسپيريمينٽيشن، ٽيڪسيشن پاليسيز، ريگيوليٽري ڊرافٽنگ ۽ عالمي رابطن تي ڌيان رکندا. هڪ تجويز ڪيل لائسنگ فريم ورڪ جو مسودو به ميمبرن سان صلاح مشوري لاءِ پيش ڪيو ويو، جنهن کي ايندڙ ڏينهن ۾ حتمي شڪل ڏني ويندي. ان کان علاوه پي وي اي آر اي پهرين 6 مهينن دوران ٻن مهينن ۾ هڪ ڀيرو اجلاس منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن ڀرپور فيڊ بيڪ ۽ شراڪتدارن سان مشاورت کي يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ شڪايتن لاءِ هڪ پورٽل قائم ڪرڻ جي منظوري به ڏني وئي جنهن کي نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي جي سهڪار سان تيار ڪيو ويندو ته جيئن ورچوئل اسيٽس بابت مسئلن کي حل ڪري سگهجي ۽ وقت سر رليف فراهم ڪري سگهجي. بورڊ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي بي پي آر ڊي سرڪلر نمبر 03 آف 2018 جي خاتمي تي به غور ڪيو، جنهن تحت مالياتي ادارن کي ورچوئل ڪرنسيز ۽ ٽوڪنز سان ڏيتي ليتي کي روڪيو ويو آهي.چيئرمين بلال بن ثاقب ان موقعي تي چيو ته اڄ پاڪستان جي ورچوئل اسيٽس ايڪو سسٽم لاءِ هڪ تاريخي لمحو آهي. پي وي اي آر اي جي قيام سان مالياتي سلامتي جي تحفظ سان گڏوگڏ نواڻ، سيڙپڪاري ۽ موقعن کي هٿي ملندي. هن چيو ته اسان جو مقصد ملڪ اندر اعتماد قائم ڪرڻ ۽ عالمي ورچوئل اسيٽس معيشت ۾ پاڪستان جي ساک کي هڪ وسيع سوچ رکندڙ شراڪتدار طور اجاگر ڪرڻ آهي. ناڻي واري وزير پي وي اي آر اي لاءِ پختي عزم ۽ حمايت جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ورچوئل اسيٽس جي ذميوار استعمال کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان ان جي ڪردار تي به زور ڀريو.