اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي خان گلگت بلتستان ۾ 3 شهرين کي خراج تحسين پيش ڪيو جن غذر ڊسٽرڪٽ ۾ تازو گليشريائي ڍنڍ ٽُٽڻ (گلاف) جي واقعي جو فوري اطلاع ڏئي اٽڪل 300 قيمتي زندگيون بچائي ورتيون. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پيغام ۾ اختيار ولي خان وصيت خان، انصر ۽ محمد خان جي جرئت ۽ فوري قدم جي تعريف ڪندي چيو ته برفاني ڇپ ڪرڻ جي فوري بعد مقامي انتظاميه ۽ آبادي کي خبردار ڪيو، هن چيو ته مان اوهان جو پنهنجي حڪومت ۽ 24 ڪروڙ عوام طرفان شڪريو ادا ڪيان ٿو. اوهان وقت سر اطلاع ڏئي ذميواري  جو مظاهرو ڪيو آهي. اوهان هڪ عظيم قومي خدمت سرانجام ڏني آهي، جيڪا اسان لاءِ فخر جو سبب آهي، اوهان واقعي ئي قوم جا هيرو آهيو.