نيويارڪ -26 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ هاڻوڪي شديد برساتن ۽ طوفاني ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ شروعاتي طور تي 6 لک ڊالر امداد جاري ڪري ڇڏي آهي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ معمول جي پريس بريفنگ دوران ٻڌايو ته امدادي ڪارروائين جي قيادت پاڪستاني اختياريون ڪري رهيون آهن جڏهن ته گڏيل قومون ۽ ان جا مقامي شراڪتدار تعاون فراهم ڪري رهيا آهن. ترجمان موجب گڏيل قومن جو هڪ وفد (اڄ) متاثر علائقن جو دورو ڪري نقصانن جو جائزو وٺندو. پاڪستان ۾ هلندڙ سانوڻي برساتن جي شروعات 26 جون کان ٿي جنهن کان پوءِ شديد برساتن ۽ ٻوڏ وهڪرن سڄي ملڪ ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي. گڏيل قومن جي انگن اکرن موجب هن وقت تائين 798  ماڻهو فوت جڏهن ته 1000 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. ٻوڏ سبب 20 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن، جڏهن ته متاثر علائقن ۾ بنيادي ضرورت  جي شين جي شديد کوٽ آهي. گڏيل قومن جي انساني امداد بابت آفيس موجب متاثرن کي في الفور رهائش، طبي سهولتون، صاف پاڻي، روڪ رقم، تعليمي مدد ۽ خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن جي تحفظ جي اشد ضرورت آهي.  پاڪستان جي موسميات کاتي ايندڙ  ڏينهن ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي. جنهن جي ڪري صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي.