ماسڪو-25 آگسٽ(اي پي پي) روس جي انتهائي ڏورانهين اوڀر ٻيٽ ڪريل ۾ 6.1 شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي جيولوجيڪل سروي ٻڌايو ته سومر تي 6 لڳي 48 منٽن تي روس جي اوڀر ۾ واقعي ڪريل ٻيٽ جي اوڀر حصي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن، جنهن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 6.1 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز زمين جي سطح کان 10 ڪلوميٽر گهرائي ۾ هو.