راولپنڊي – 20 آگسٽ (اي پي پي) دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير محمد رضا حيات هراج چيو آهي ته پاڪستان عراق سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ دفاع جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. جاري بيان موجب وفاقي وزير محمد رضا حيات هراج سان دفاعي پيداوار واري وزارت ۾ عراقي سفارتخاني جي ناظم الامور عبدالقادر سليمان الهيميري ملاقات ڪئي. هن معزز مهمان جي شاندار آجيان ڪئي. وفاقي وزير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان عراق جي خودمختياري، سياسي اتحاد ۽ علائقائي سالميت جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. وفاقي وزير ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان جي دفاعي صنعت ۾ وڏي صلاحيت موجود آهي، ٻئي ملڪ دفاع بابت تعاون جي گڏيل فائدي وارن شعبن ۾ حصيداري ڪري سگهن ٿا. عراقي ناظم الامور عبدالقادر سليمان الهيميري چيو ته عراقي حڪومت ۽ ان جي عوام پاڪستان ۽ ان جي عوام جو تمام گهڻو احترام ڪن ٿا، عراق پاڪستان سان دفاعي پيداوار سميت سمورن شعبن ۾ تعاون جي لاءِ تيار آهي.