گڏيل قومون -20 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۽ فلسطين سميت پرڏيهي قبضي جي اثر هيٺ علائقن ۾ عورتن ۽ ٻارن تي ٿيندڙ ظلمن ۽ جنسي تشدد کي فوري ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي، ته جنسي تشدد هڪ سنگين ڏوهه آهي، جنهن کي جنگي هٿيار طور، اذيت، دهشتگردي، سياسي جبر، غيرقانوني قبضي کي مضبوط ڪرڻ ۽ وسيلن جي استحصال لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد سلامتي ڪائونسل ۾ عورتن، امن ۽ سلامتي جي ايجنڊا تحت ٿيندڙ بحث ۾ چيو ته ان ڳڻتي جوڳي رجحان جي شديد مذمت ٿيڻ گهرجي ۽ ان جو اثرائتو حل لازمي آهي. هن چيو ته پرڏيهي قبضي جي صورتحال ۾ اهو مسئلو سڀ کان وڌيڪ سنگين هوندو آهي، جتي شفافيت ۽ پهچ نه هئڻ سبب ظلمن جي اضل شدت لڪيل رهندي آهي ۽ قابض فوج کي قانوني ڇوٽ ملڻ سبب هو جوابده ناهن ٿيندا. هن زور ڀريو ته اهڙا ڪيس عالمي نگراني کان بچڻ نه گهرجن، اهي ڪيس سلامتي ڪائونسل ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي خاص ايلچي جي فوري ڌيان جا مستحق آهن. سفير عاصم افتخار احمد فلسطين کي ان جو نمايان مثال قرار ڏيندي چيو ته اتي هزارين ماڻهو تشدد، جبري بي دخلي ۽ بک جو شڪار آهن. هن سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو ته هو انهن ظلمن کان نه نٽائين ۽ احتساب کي يقيني بڻائين. هن چيو ته رپورٽ ۾ جنسي تشدد، روز روز ننگو ڪرڻ جهڙن ذلت آميز واقعن جو ذڪر آهي. پر اها ڳالهه سمجهه کان مٿانهين آهي ته اها سنگين صورتحال گڏيل قومن جي سيڪريٽرير جنرل جي اڳوڻين رپورٽن ۾ شامل ڇو ناهي. پاڪستاني نمائندي واضح ڪيو ته اهڙن قسمن جا ظلم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ به جاري آهن، جتي عورتن کي جنسي تشدد ذريعي سزا ڏيڻ ۽ ذليل ڪرڻ جا دستاويزي ثبوت موجود آهن. هن گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن جي 2018 ۽ 2019ع جي رپورٽن، عالمي ميڊيا ۽ انساني حقن جي تنظيمن جي حوالن سان ٻڌايوته رڳو 2019ع کان 2021 دوران اٽڪل 10 هزار عورتون ۽ ٻارڙيون گم ٿيون. هن چيو ته ان صورتحال تي به گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي خصوصي نمائندي کي ڌيان ڏيڻ گهرجي. پاڪستاني نمائندي هڪ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو جنهن ۾ عورتن کي اثرائتي شموليت، پرڏيهي قبضن تي خاص ڌيان، احتساب جي تقاضي، ڇوٽ جو خاتمو ۽ تڪرارن جي بنيادي سببن جو حل شامل هو. هن چيوته پاڪستان هميشه دنيا جي سڀ کان ڪمزور طبقن کي هٿياربند تڪرارن جي اثرن کان بچائڻ جي ڪوششن ۾ اڳڀرو رهيو آهي ۽ اسان جا امن فوجي، جن ۾ عورتون بليو هيلمٽس به شامل آهن. دنيا جي خطرناڪ ترين علائقن ۾ شهرين جي تحفظ ۽ گڏيل قومن جي قدرن جي دفاع ۾ اعليٰ معيار قائم ڪري رهيا آهن.