سيئول-18 آگسٽ (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا ۽ آمريڪا جون گڏيل فوجي مشقون الچي فريڊم شيلڊ(يو ايف ايس) ڪالهه سومر کان شروع ٿي ويون آهن جيڪي 28 اگسٽ تائين جاري رهنديون. ميڊيا رپورٽن موجب ڏکڻ ڪوريا جي جوانئٽ چيف آف اسٽاف ٻڌايو آهي ته 11 ڏينهن واريون مشقون سالياني گرمي جي موسم جون مشقون آهن جن ۾ ميداني تربيتي مظاهرا ، ڪمپيوٽر سميوليٽڊ ڪمانڊ پوسٽ مشقون ۽ سول ڊيفنس ڊرلز مشقون شامل آهن . ڏکڻ ڪوريا دعوي ڪئي آهي ته يو ايف ايس مشقون دفاعي آهن جڏهن ته اتر ڪوريا انهن مشقن کي حملي جي ريهرسل قرار ڏنو آهي . ڪوريا پيس ايڪشن نالي تنظيم جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته يو ايف ايس مشقن کي اتر ڪوريا خلاف سڀ کان وڌيڪ طاقتور قدمن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي جن فوجي ۽ سياسي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ڪيو آهي. سول سوسائٽي گروپ ڏکڻ ڪوريا ۽ آمريڪا تي زور ڀريو آهي ته اهي فوجي مشقون روڪن ۽ اتر ڪوريا سان ڳالهين لاءِ سازگار ماحول قائم ڪن.