اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو ته گذريل مالي سال ۾ 80 لک عورتن پهريون ڀيرو موبائل انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، ڊيجي اسڪلز 3.0 تحت وزارت ايندڙ 3 سالن ۾ 33 لک کان وڌيڪ آءِ ٽي پروفيشنلز کي تربيت ڏيندي. ڪالهه آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت مان جاري بيان موجب هن چيو ته وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارا قوم سان گڏجي يومِ آزادي ڀرپور طريقي سان ملهائين ٿا. هي خصوصي تقريب حڪومت، صنعت، اسٽارٽ اپس ۽ اڪيڊميا جي رهنمائن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ٿي ته جيئن ملڪ جي شاندار ترقياتي سفر کي خراجِ تحسين پيش ڪري سگهجي. هن سال جو ڏينهن حق جي ويڙهه جي ياد به تازي ڪري ٿو جڏهن مئي ۾ پاڪستان ڀارت تي شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي. هي فتح جرئت، پيشيوراڻي مهارت ۽ فني صلاحيت جو عملي مظاهرو هئي جيڪو تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو ۽ هر ميدان ۾ ڪاميابيءَ لاءِ عملي خاڪو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته قائداعظم محمدعلي جناح جي هڪ مضبوط ترقي پسند ۽ خودڪفيل پاڪستان جي خواب کي ياد ڪيو. هن وزيراعظم  محمد شهباز شريف جي ويزن ڊجيٽل نيشن پاڪستان کي اجاگر ڪيو جيڪو ٽن بنيادي ٿنڀن ڊجيٽل اڪانومي، ڊجيٽل سوسائٽي ۽ ڊجيٽل گورننس تي ٻَڌل آهي. هن چيو ته اسان هڪ قوم وانگر اڳتي وڌنداسين ۽ ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪندي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ ڏهاڪن جو مفاصلو جلد طئي ڪنداسين. هن ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان کي اقتصادي ۽ فني طور پاڻڀرو بڻايو ويندو. هن حڪومت، وفاقي ڪابينه، اسپيشل انويسٽمينٽ، فيسٽيليشن ڪائونسل، پاڪ فوج، خاص ڪري فيلڊ مارشل چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير کي ملڪ جي معاشي ۽ فني ترقيءَ ۾ قائداڻي ڪردار ۽ حق جي ويڙهه ۾ ڪاميابيءَ لاءِ قيادت ۽ عزم ۽ قربانين تي خراجِ تحسين پيش ڪيو. هن ٻُڌايو ته پاڪستان جي ڊجيٽل ترقيءَ کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو پيو وڃي. 2024ع جي گلوبل سائبر سيڪيورٽي انڊيڪس ۾ پاڪستان ٽيئر- ون رول ماڊلنگ جو درجو حاصل ڪيو، جڏهن ته گڏيل قومن جي اِي گورنمينٽ ڊولپمينٽ انڊيڪس ۾ پاڪستان جي درجابندي 14 درجا بهتر ٿي ۽ پهريون ڀيرو هاءِ اي جي ڊي آءِ ڪيٽيگري ۾ آيو. شزه فاطمه خواجه خاص طور تي ان ڪاميابيءَ تي فخر جو اظهار ڪيو ته 2025ع جي جي ايس ايم اي جينڊر گيپ رپورٽ موجب موبائل انٽرنيٽ جينڊر گيپ 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 25 سيڪڙو رهجي وئي آهي ۽ مالي سال 25-2024ع ۾ 80 لک عورتون پهريون ڀيرو موبائل انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، عورتن جي موبائل انٽرنيٽ استعمال جي شرح 10 سيڪڙو کان وڌي 19 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي جيڪو ان جو ذاتي هدف هو، جڏهن هن وزارت سنڀالي. وفاقي وزير ڊجيٽل نيشن پاڪستان جي مستقبل جي روڊ ميپ جو خاڪو پيش ڪيو جنهن ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، بهتر طرزِ حڪمراني، صنعت کي هٿي وٺرائڻ ۽ ڊجيٽل پبلڪ انفراسٽرڪچر جي تعمير شامل آهي. هن اعلان ڪيو ته نيشنل اي آءِ پاليسي 2025ع منظور ٿي چڪي آهي جيڪو مصنوعي ذهانت ۾ اخلاقي ترقي ۽ معيشت کي هٿي ڏيندي. نيشنل فائبرائزيشن انيشيئٽو سڄي ملڪ ۾ هاءِ اسپيڊ انٽرنيٽ تائين رسائي وڌائيندو، جڏهن ته آءِ ايم ٽي اسپيڪٽرم آڪشن فائيو جي، جي تياري، پرڏيهه سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ ۽ ٽيليڪام جي ترقيءَ کي يقيني بڻائيندو. سيٽلائيٽ انٽرنيٽ سروسز سان هر علائقي ۾ ڪنيڪٽوٽي ممڪن ٿيندي، جڏهن ته آءِ ٽي ڪمپنيز لاءِ بنا رڪاوٽ انٽرنيٽ پاليسي آءِ ٽي روانگي واپار ۽ سروس ڊليوري لاءِ معياري ۽ مستقل ڪنيڪٽوٽي فراهم ڪندي. هن ٻُڌايو ته ڊيجي اسڪلز 3.0 تحت وزارت ايندڙ 3 سالن ۾ 33 لک کان وڌيڪ آءِ ٽي پروفيشنلز کي تربيت ڏيندي، جن ۾ هواوي جا 3 لک ۽ گوگل جا 2 لک ٽريننگز شامل آهن. پنهنجي پيغام جي پڄاڻيءَ ۾ وفاقي وزير قائداعظم جي ان يقين کي ورجايو ته پاڪستان جو مستقبل، محنت، نظم و ضبط ۽ اتحاد تي ٻَڌل آهي. هن آزاديءَ جي روح کي ڊجيٽل خودمختياريءَ سان جوڙيندي چيو ته پاڪستان کي ٽيڪنالاجي، جدت ۽ گورننس ۾ پاڻڀرو بڻائڻ ئي اصل آزادي آهي.