واشنگٽن- 12 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ،  هيريٽچ فائونڊيشن سان لاڳاپيل معاشي ماهر اي جي انٽوني کي ليبر اسٽيٽسٽڪس بيورو جو نئون سربراهه نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر، اي جي انٽوني کي بي ايل ايس جو نئون سربراه نامزد ڪري ڇڏيو آهي، اهو ادارو ملڪ ۾ روزگار، اجرت ۽ ٻي ليبر مارڪيٽ جا انگ اکر گڏ ڪرڻ ۽ جاري ڪرڻ جو ذميوار آهي. عالمي ميڊيا مطابق ان جي نامزدگي کانپوءِ آمريڪي سينيٽ مان ان جي منظوري ورتي ويندي.