اسلام آباد – 8 آگسٽ (اي پي پي) عالمي سطح جي سنڌ جي وڏي ليکڪ علي بابا جي نائين ورسي گُذري وئي، علي بابا جو اصل نالو علي محمد ھو، سندس والد جو نالو محمد رمضان رند ھو، جيڪو پاڪستان ريلوي ۾ ملازم هو ۽ سندس پوسٽنگ ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن تي هئي، علي بابا 7 جولاءِ تي سنڌُو درياهه ڪناري آباد شهر ڪوٽڙيءَ ۾ اک کولي، علي بابا  سنڌي ٻوليءَ جو وڏو ناول نگار ۽ ڊراما نويس ھو. علي بابا سئو کان وڌيڪ ناٽڪ، ڪھاڻيُون ۽ ناول لکيا. سندس ناٽڪ “دنگيءَ منجهه درياهه” 1981ع ۾ جرمنيءَ جي ناٽڪ ميلي ۾ ٽيون نمبر انعام ماڻيو، جنھن ۾ ھن سنڌو درياھ جي مھاڻن جي زندگيءَ کي اُجاگر ڪيو آهي. سندس ناول “موھن جو دڙو” هڪ شاهڪار ناول آهي،  سندس لکڻين ۾ سنڌ سنڌُو درياهه وانگر وهندي ملي ٿي. علي بابا سنڌ جي سڀني ليکڪن کان پنهنجي اسلوب، مزاج ۽ ڪردار ۾ مُڪمل طور تي جدا هو، سنڌ جو هي عالمي معيار جو ليکڪ 8 آگسٽ 2016ع تي ڏات جي ڏيهه کان جُدا ٿي ويو 2025ع ۾ سندس نائين ورسي هئي.