نئين دهلي-08 آگسٽ (اي پي پي) ڀارت ۾ ڪانگريس پارٽي جي اڳواڻ ۽ لوڪ سڀا ۾ مخالف ڌر  جي اڳواڻ راهول گانڌي ڀارتي اليڪشن ڪميشن تي سنگين الزام لڳائيندي دعويٰ ڪئي آهي ته اليڪشن ڪميشن ووٽن جي چوري ذريعي ملڪ ۾ جمهوريت کي منظم طور تي ختم ڪرڻ لاءِ حڪمران ڀارتيه جنتا پارٽي جي مدد ڪري رهي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب راهول گانڌي نئين دهلي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن بي جي پي جي مدد سان ووٽن جي چوري ۾ ملوث آهي، ۽ ان حوالي سان موجود ثبوت ختم ڪري رهي آهي، جنهن سان ملڪ ۾ جمهوريت خطري ۾ آهي. هن چيو ته ووٽر لسٽن ۾ وڏي پئماني تي جعلي ووٽرن جي داخلا ڪئي وئي آهي ۽ تازين چونڊن جي نتيجن ۾ هيراڦيري ذريعي بي جي پي کي فائدو پهچايو ويو آهي. هن ڀارت ۾ ويجهڙ ۾ منعقد ٿيل چونڊن جي ساک تي به سوال اٿاريو، هن چيو ته  ڀارت جي ڪروڙين ماڻهن کي شڪ هو ته دال ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪارو ضرور آهي. اوپن پول ۽ ايگزٽ پول ڪجهه چوندا هئا ۽ نتيجا ڪجهه ٻيا ايندا هئا. مڌيه پرديش، هريانه، مهاراشٽر جي چونڊن جا نتيجا ان جو واضح مثال آهن. اليڪشن ڪميشن تازين چونڊن کانپوءِ دعويٰ ڪئي ته ساڍا پنج وڳي کانپوءِ وڏي انگ ۾ ماڻهن ووٽ وڌا جڏهن ته اسان جي پولنگ بوٿ جي ورڪرز ٻڌايو ته ڪا ووٽنگ ناهي ٿي، اليڪشن ڪميشن کان جڏهن پولنگ اسٽيشنن جي ٻاهران جون وڊيون گهريون ويون ته جواب ڏنو ويو، وڊيوز 15 ڏينهن کانپوءِ ڊليٽ ڪيون ويون. هن چيو ته اليڪٽرانڪ مشينن ذريعي ووٽ وجهڻ کان اڳ سڄي ڀارت ۾ هڪ ڏينهن پولنگ ٿيندي هئي، پر هاڻي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي باوجود مهينن تائين اهو عمل جاري رهندو آهي. راهول گانڌي چيو ته لوڪ سڀا ۾ اسان جو اتحاد فتح حاصل ڪري ٿو پر اسيمبلي چونڊن ۾ اسان کي شڪست ٿي ويندي آهي، هن چيو ته جڏهن اليڪشن ڪميشن کان نون هڪ ڪروڙ ووٽرن جي داخلا جا تفصيل طلب ڪيا ويا ته ڪو به جواب نه ڏنو ويو. اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ ۾ ووٽ چوري ڪرڻ جا ثبوت ختم سميت بي جي پي جي مدد ڪري چونڊ نظام کي تباهه ڪري رهي آهي.