اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت صلاحڪار هارون اختر سان نامياري اقتصاديات جي ماهر پروفيسر نڪ لي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نئين قومي صنعتي پاليسي، بيمار صنعتي يونٽس جي بحالي ۽ روانگي واپار ۾ واڌ لاءِ امڪاني قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هارون اختر ٻُڌايو ته صنعتي پاليسي جي لاڳو ڪرڻ لاءِ تجويزن جو مرحلو جاري آهي ۽ سمورين ڌُرين سان صلاح مشوري لاءِ ذيلي ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته وزيراعظم جي هدايت تي سمورين ڌُرين سان صلاح مشوري جو عمل جاري آهي ۽ پاليسي لاڳو ڪرڻ لاءِ قانوني ترميمن، بيمار يونٽس جي بحالي ۽ سيڙپڪاريءَ کي آسان بنائڻ لاءِ واضح روڊ ميپ جوڙيو پيو وڃي، صنعتي پاليسي جي لاڳو ڪرڻ لاءِ ذيلي ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن. قانوني سڌارن، بيمار صنعتي يونٽس جي بحالي ۽ سيڙپڪار دوست ماحول ترجيحن ۾ شامل آهن، سرڪاري ادارن طرفان سيڙپڪارن کي هراسان ڪرڻ جي خاتمي کي پاليسي جو بنيادي مقصد قرار ڏنو ويو، پاڪستان انڊسٽريل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي سگهه ۾ واڌ کي اڻٽر قرار ڏنو ويو. پروفيسر نڪ لي پاڪستان جي نئين صنعتي پاليسيءَ جي ويزن کي ساراهيندي چيو ته پاليسي جي اثرائتو لاڳو ڪرڻ لاءِ اداره جاتي ڪيپيسٽي بلڊنگ ۽ اجتماعي ڪوششون اڻٽر آهن . هن وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ هارون اختر جي قيادت ۾ جاري صنعتي سڌارن کي هڪ هاڪاري اڳڀرائي قرار ڏنو.