اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي)گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته پُرامن سياسي احتجاج هر هڪ جو حق آهي، همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ باني جي ٻارن جو سهارو ورتو ويو آهي، اسان کي ڪنهن کي گرفتار ڪرڻ جو شوق ناهي، هتان کان جٿن کي اڊيالا جيل تي حملي ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، پي ٽي آءِ باني چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن ڪي پي ڪي جي وڏي وزير دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي ته کيس فارغ ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته پُرامن احتجاج هر هڪ جو حق آهي، آئين ۾ احتجاج جي ڪجهه شرطن سان اجازت آهي، اسلام آباد جي ڊي سي آفيس کي احتجاج جي حوالي سان هڪ درخواست وصول ٿي، ان درخواست کي ان جي قيادت طرفان بي يارو مددگار ڇڏيو ويو آهي، اهو سڀ ڪجهه سياسي طور تي ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ باني جي ٻارن جو سهارو ورتو ويو، جيڪڏهن ٻار پيءُ سان ملڻ چاهين ها ته کين ٻن سالن ۾ ويزا نٿي ملي سگهي؟ طلال چوڌري چيو ته جعفر ايڪسپريس کان پوءِ سيڪيورٽي بريفنگ ۽ آءِ ايم ايف معاهدي وقت کين احتجاج ياد ايندو آهي، اسان کي ڪنهن کي گرفتار ڪرڻ جو شوق ناهي. هن چيو ته باجوڙ ۾ ڪو نئون آپريشن نه ٿيندو، سيڪيورٽي فورسز وڙهي رهي آهي، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي سياسي فورسز ڪٿي آهي؟ هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ سياسي قيادت ڪمپرومائيزڊ آهي، پي ٽي آءِ باني چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن ڪي پي ڪي جو وڏو وزير دهشتگردن خلاف ڪارورائي ڪندو ته کيس فارغ ڪيو ويندو.