اسلام آباد -30 جولاءِ (اي پي پي)وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت مددگار هارون اختر خان سان نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي صدر رحمت علي حسني ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صنعتي ترقي لاءِ مالي معاونت وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي صنعتي قرضن، سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ بئنڪاري شعبي ۽ صنعتي ڍانچي وچ ۾ شراڪت کي مضبوط بڻائڻ وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون. هارون اختر خان  چيو ته پائيدار صنعتي ترقي لاءِ مالي سهولتن کي هٿي ڏيڻ اڻٽر آهي. هن صنعتن کي قرضن جي فراهمي ۾ نيشنل بئنڪ جي اهم ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته ان قسم جي مدد معيشت جي بهتري لاءِ نهايت اهم آهي. هن  چيو ته معاشي ترقي لاءِ بينڪاري شعبي جو تعاون انتهائي ضروري آهي ۽ مستحڪم صنعتي ڍانچي لاءِ مالياتي ادارن جي شراڪت اڻٽر آهي. هارون اختر خان ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ بئنڪن کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ حڪومت ڪاروباري ادارن لاءِ سازگار مالي ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. نيشنل بئنڪ جي صدر خصوصي مددگار کي حڪومت جي صنعتي ترقي جي ويزن  ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ مسلسل شراڪت جو عزم ظاهر ڪيو.