رياض- 30 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب برطانيا جي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر طرفان فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ واري ارادي ۽ ٻه رياستي حل جي حمايت واري اعلان جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيھي وزارت مان جاري ڪيل ھڪ بيان ۾ عالمي برادري ۽ امن پسند ملڪن تي زور ڀريو ويو آهي ته اھي عالمي ٺھرائن تي عملدرآمد لاءِ سنجيده قدمن کڻن. اھي ٺھراءَ فلسطيني عوام جي ان پيدائشي حق کي تسليم ڪن ٿا ته 1967ع جي سرحدن تي ھڪ آزاد رياست قائم ٿئي جنھن جو گادي وارو ھنڌ اوڀر بيت المقدس ھجي. ياد رھي ته برطانيا جي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر اڱاري ڏينھن ڪابينا کي ٻڌايو ته اسان جو ملڪ فلسطين کي رياست طور تسليم ڪندو. فلسطين کي هڪ آزاد رياست تسليم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آھي. غزه صورتحال تبديل نه ٿي ته برطانيا سيپٽمبر ۾ فلسطين کي رياست تسليم ڪندو. وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر جو چوڻ ھو ته جيڪڏھن اسرائيل جنگبندي ۽ ٻه رياستي حل تي اڳڀرائي نه ڪئي ته برطانيا پنھنجي ان فيصلي تي عملدرآمد ڪندو.