اسلام آباد-21 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه پاڪستان ۽ مسلم دنيا جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 72 هين سالگرهه جي موقعي تي کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد جمهوريت جي علمبردار هئي، محترمه بينظير ڀٽو شهيد نه رڳو پاڪستان پر پوري اسلامي دنيا جي عورتن لاءِ هڪ روشن مثال هئي. محترمه بينظير ڀٽو شهيد هڪ جرئت مند ۽ اصول پسند اڳواڻ هئي جنهن جمهوريت جي دفاع ۾ پنهنجي جان قربان ڪئي. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد جمهوريت، انساني حقن ۽ عوامي ڀلائي لاءِ مثالي جدوجهد ڪئي. محترمه بينظير ڀٽو شهيد هر آمريتي دور ۾ جمهوري قدرن جو ڀرپور دفاع ڪيو ۽ جمهوريت لاءِ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي قرباني قومي تاريخ ۾ هڪ نه وسرندڙ مثال آهي. هن چيو ته محترمه جو نظريو ۽ ويزن اڄ به پاڪستان جي جمهوري قيادت لاءِ رهنمائي جو روشن مينار آهي. محترمه بينظير ڀٽو شهيد نوجوانن، عورتن ۽ اقليتن لاءِ برابري جا موقعا ۽ سياسي شموليت کي وقت جي اهم ضرورت قرار ڏنو، محترمه بينظير ڀٽو قائد عوام جي مشن کي زنده رکندي نه رڳو پارٽي کي بحال ڪيو پر عوام ۾ نون سياسي شعور ۽ اميد پيدا ڪئي. هن چيو ته محترمه جي شهادت کانپوءِ پارٽي آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ جمهوري تسلسل ۽ پارليماني روايتن کي هٿي ڏيڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جي روشني ۾ عالمي سطح تي پاڪستان جي موقف کي جنهن دانشمندي ۽ موثر انداز ۾ اجاگر ڪيو اهو ساراهه جوڳو آهي. پيپلزپارٽي محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن موجب قومي ترقي ۽ جمهوري استحڪام لاءِ جدوجهد جاري رکندي.