اسلام آباد-21 جون (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ بندرگاهي اسپتالن ۾ بنيادي سڌارا اڻٽر آهن، صحت جي بنيادي ڍانچي کي عالمي معيار موجب بڻايو ويندو. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته بندرگاهن جي اسپتالن ۾ ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيندڙ جديد صحت جو نظام متعارف ڪرائڻ لاءِ رٿابندي تحت ڪي پي ٽي، پورٽ قاسم ۽ گوادر جي اسپتالن ۾ ماحولياتي تحفظ جا قدم کڻنداسين. اسپتالن ۾ ايمرجنسي، ريسپانس ۽ ڊجيٽل نظام کي هٿي ڏني ويندي، جنيد انوار چوڌري چيو ته صحت جي بنيادي ڍانچي کي عالمي معيار موجب بڻايو ويندو. ماحولياتي تبديلي جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ بندرگاهي اسپتالن ۾ بنيادي سڌارا اڻٽر آهن. هن چيو ته سامونڊي حادثن ۽ وبائي مرضن جي مقابلي لاءِ جديد طبي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، بندرگاهن تي ڪم ڪرڻ لاءِ مزدورن ۽ ماهيگير برادري جي صحت اسان جي پهرين ترجيح آهي. محمد جنيد انوار چوڌري چيو ته صحت واري عالمي اداري ۽ ميري ٽائيم ليبر ڪنوينشن جي گهرجن تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. بندرگاهي اسپتالن ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي شعبي کي مستحڪم بڻايو ويندو، ذهني صحت بهتر بڻائڻ ۽ دٻاءُ گهٽ ڪرڻ لاءِ پروگرام متعارف ڪرايا ويندا. هن چيو ته بندرگاهي صحت نظام جي موثر نگراني لاءِ خصوصي ٽيمون جوڙينداسين، صحتمند بندرگاهي مزدور قومي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهن.