لاهور-21 جون (اي پي پي) سيڙپڪاري ۽ صنعت بابت وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر خان چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ويزن سموگ فري، صاف ۽ پائيدار پاڪستان آهي، حڪومت انهي ويزن جي عملي تعبير لاءِ قومي اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي 30-2025ع لاڳو ڪري رهي آهي جيڪا صاف توانائي انقلاب جو بنياد بڻجندي، اي وهيڪل سان فضائي گدلاڻ ۾ گهٽتائي ٿيندي، سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي نئين توانائي پاليسي کان آگاهه ڪيو آهي. هو مقامي هوٽل ۾ صنعتن ۽ پيداوار واري وزارت ۽ انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ جي انتظام هيٺ رٿيل هنيو انرجي وهيڪل پاليسي بابت ورڪشاپ کي خطاب ڪري رهيو هو. هارون اختر چيو ته نئين پاليسي جو هدف آهي ته 2030ع تائين پاڪستان ۾ 30 سيڪڙو نيون گاڏيون اليڪٽرڪ هجن ۽ مجموعي طور 22 لک برقي گاڏيون روڊ تي اچي وينديون، هن پاليسي سان ساليانو 2 ارب ليٽر تيل جي بچت، 4.5 ملين ٽن ڪاربان جي خارج ڪرڻ ۾ گهٽتائي ۽ 15 هزار روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته پاڪستان هر سال اربين ڊالرن جو تيل گهرائي ٿو جيڪو قومي ناڻي تي وڏو بار آهي، اي وي پاليسي ذريعي آمدني واپار ۾ گهٽتائي، مقامي صنعت کي هٿي ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ بچت ممڪن ٿي سگهندي. هن ٻڌايو ته ڄاڻايل پاليسي تحت 2 کان 3 ۽ چئن ڦيٿن وارين برقي گاڏين جي رجسٽريشن فري ڪئي وئي آهي جڏهن ته ٻن ڦيٿن واري گاڏي تي 65 هزار ۽ ٽن ڦيٿن وارين گاڏين تي 4 لک روپيا سبسڊي ڏني ويندي. هن واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن صوبي سبسڊي ڏني ته وفاقي حڪومت ڊبل سبسڊي نه ڏيندي. هن چيو ته پاليسي تحت ايندڙ پنج سالن ۾ سئو ارب روپين جي سبسڊي ڏني ويندي، جڏهن ته هن بجيٽ ۾ اي وهيڪل کي هٿي وٺرائڻ لاءِ 9 ارب روپيا رکيا ويا آهن، سڄي پاڪستان ۾ 3 هزار چارجنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويندا جن ۾ شروعاتي ڇهن مهينن ۾ موٽر ويز تي 40 فاسٽ چارجنگ اسٽيشنز لڳايا ويندا. هن چيو ته حڪومت مقامي سطح تي اي گاڏين ۽ بيٽرين جي تياري ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ صنعتڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي جڏهن ته درآمدي گاڏين تي گهٽ ڀاڙڻ لاءِ انهن جي حوصلا شڪني ڪئي ويندي. هن چيو ته اسان کي اهي گاڏيون گهرجن جيڪي دونهون نه ڇڏين پر ترقي ڏانهن وٺي وڃن، هي پاليسي صرف هڪ ادارو ناهي پرماحولياتي انقلاب جو خاڪو آهي، هن وڌيڪ چيو ته هن وقت تائين 61 اي موٽرسائيڪل ساز ۽ 2 اي ڪارساز ڪمپنين کي لائسنس جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته اسلام آباد کي 2030ع تائين ماڊل اي موبيليٽي سٽي بڻايو ويندو. هن عالمي مثال ڏيندي چيو ته ناروي 35 سالن ۾ مڪمل طور اليڪٽرڪ وهيڪلز طرف اڳڀرائي ڪئي ۽ پاڪستان به هاڻي عالمي معيار سان هم آهنگ پاليسي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. ورڪشاپ جو مقصد صنعتڪارن، پاليسي سازن ۽ ميڊيا کي پاڪستان جي اي وهيڪل پاليسي بابت فني، سيڙپڪاري ۽ ماحولياتي رخن کان آگاهه ڪرڻ هو.