اسلام آباد-10 جون (اي پي پي)ايندڙ مالي سال جي سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري ڊويزن لاءِ مجموعي طور تي 18580ملين روپين جا فنڊ رکيا ويا آهن جنهن مان 14 جاري منصوبن لاءِ 18280 ملين روپيا جڏهن ته 3 نون منصوبن لاءِ 300 ملين روپين جا فنڊ رکيا ويا آهن. اڱاري ڏينهن جاري پي ايس ڊي پي موجب جاري منصوبن ۾ وزيراعظم جي هدايت تي والاريل ڪشمير جي شاگردن لاءِ 1600 اسڪالرشپس لاءِ 164 ملين روپيا، اين سي اي لاهور ۾ گريجوئيٽ بلاڪ جي تعمير لاءِ 217 ملين روپيا، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ يونٽ منصوبي جي قيام لاءِ 30 ملين روپيا، اسلام آباد ۾ وفاقي تعليمي نظام جي انتظام هيٺ تعليمي ادارن ۾ بنيادي تعليمي سهولتن جي فراهمي لاءِ 900 ملين روپيا، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ايڪسيلينس ٽيچرز ايجوڪيشن لاءِ 300 ملين روپيا، وفاقي گادي واري هنڌ ۾ آئوٽ آف اسڪول چلڊرن جي داخلائن ۽ کين برقرار رکڻ لاءِ 262 ملين روپيا، ايجوڪيشن پروگرام جي استحڪام جي مربوط ۽ جامع قدمن لاءِ 290 ملين روپيا، ايف ڊي اي جي پرائمري اسڪولن ۾ اي سي اي سينٽرز لاءِ 140 ملين روپيا، اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ 600 ملين روپيا، وزيراعظم يوٿ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ 4300 ملين روپيا، پاڪستان ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ لاءِ 1000 ملين روپيا، ڪري، اسلام آباد ۾ دانش اسڪول جي قيام لاءِ 1800 ملين روپيا، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ دانش اسڪولن جي قيام لاءِ 8000 هزار ملين روپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته نون منصوبن لاءِ ايڇ اليون فور اسلام آباد ۾ آٽزم جي بيماري ۾ ورتل ٻارن لاءِ سينٽر آف ايڪسيلينس جي قيام لاءِ 100 ملين روپيا، ملٽي گارڊن بي – 17 اسلام آباد ۾ ماڊل ڪاليج فار وومين جي قيام لاءِ 100 ملين روپيا ۽ ملٽي پروفيشنل ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ايف -2/17 اسلام آباد ۾ اسلام آباد ماڊل ڪاليج فار وومين جي قيام لاءِ 100 ملين روپين جا فنڊ رکيا ويا آهن.