اسلام آباد-10 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال جي بجيٽ 26-2025ع جي سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ ڊويزن جي 10 جاري ۽ 5 نون منصوبن لاءِ مجموعي طور تي 4253.738 ملين روپيا رکيا ويا آهن. اڱاري ڏينهن جاري پي ايس ڊي پي جي انگن اکرن موجب ڊويزن جي 10 جاري منصوبن لاءِ 3250.597 ملين روپيا جڏهن ته 5 نون منصوبن لاءِ 1003.141 ملين روپيا رکيا ويا آهن. نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ ڊويزن جي جاري منصوبن خضدار، تربت ۽ لاهور ۾ سيڊ سرٽيفڪيشن ليبارٽري قائم ڪرڻ لاءِ 30 ملين روپيا، نيشنل سيڊ انهانسمنٽ پروگرام لاءِ 500 ملين روپيا، ملڪ جي باراني علائقن ۾ پوکي کي هٿي وٺرائڻ جي منصوبن لاءِ 585.595 ملين روپيا، زيتون جي ڪمرشل بنيادن تي پوکي کي هٿي وٺرائڻ جي منصوبي لاءِ 585.597 ملين روپيا، پٽاٽي جي پيداوار ۾ اضافي لاءِ پاڪستان ڪوريا جوائنٽ وينچر پروگرام لاءِ 85 ملينaروپيا، نيشنل ريفارمز پروگرام تحت صلاحيت وڌائڻ جي منصوبي لاءِ 50 ملين روپيا، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي ايند ريسرچ واري وزارت جي پراجيڪٽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ يونٽ لاءِ 150 ملين روپيا، جانورن جي بيمارين جي ازالي جي منصوبي لاءِ 800 ملين روپيا، قومي سطح تي زرعي پيداوار وڌائڻ جي منصوبي لاءِ 450 ملين روپيا جڏهن ته پاڪستان ماڊل ايگريڪلچر ريسرچ سينٽر جي قيام لاءِ 100 ملين روپيا مختص ڪيا ويا آهن. جاري انگن اکرن موجب نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت جي نون منصوبن شيخوپوره ۾ ايگريڪلچر ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي قيام لاءِ 300 ملين روپيا، ڪمند جي پيداوار ۾ اضافي ۽ فصل جي نگراني جي منصوبي لاءِ 120.281 ملين روپيا، سسٽين ايبل ايگري بزنس اينڊ ڊولپمينٽ منصوبي لاءِ 200 ملين روپيا، ڪپهه جي پيداوار کي وڌائڻ جي منصوبي لاءِ 125.800 ملين روپيا جڏهن ته پاڪ سرزمين منصوبي تحت ڏورانهن علائقن ۾ زرعي شعبي جي ترقي جي منصوبي لاءِ 257 ملين روپيا رکيا ويا آهن.