اسلام آباد-10 جون (اي پي پي) قومي صحت واري وزارت اسلام آباد ۾ قائم جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس اينڊ ريسرچ سينٽر لاءِ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت ايندڙ مالي سال 26-2025ع لاءِ 4000 ملين روپين جي بجيٽ رکي آهي. اڱاري ڏينهن جاري پي ايس ڊي پي دستاويزن موجب منصوبي تي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 212734 ملين روپيا آهي. واضح رهي ته ايندڙ مالي سال لاءِ آءِ ڊي ايس آر ايس منصوبي لاءِ 4000 ملين روپين جي ترقياتي بجيٽ رکي وئي آهي.