رياض -05 جون (اي پي پي) سعودي اختيارين چيو آهي ته حاجي سڳورا ڏينهن جي وقت ٻاهر نڪرڻ دوران ڇٽي جو استعمال ڪن ان سان گرمي پد 10 ڊگري تائين گهٽجي ويندو . پرڏيهي خابرو اداري سعودي عرب جي صحت واري وزارت جي هڪ بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته ڇٽي جي استعمال سان گرمي پد 10 ڊگري سينٽي گريڊ تائين گهٽجي ويندو آهي . حج واري وزارت حاجين جي سيفٽي ۽ حج جي رڪنن جي محفوظ ادائيگي يقيني بڻائڻ لاءِ آگاهي ۽ فيلڊ سروسز جي فراهمي جو اعلان ڪيو آهي . ان جو مقصد مقدس هنڌن جي سفر دوران صحت جي هنگامي صورتحالکي منهن ڏيڻ آهي . اختيارين حاجين کي هدايت ڪئي آهي ته سڌي ريت سج جي گرمي کان بچن ، ڪوشش ڪن ته وڌيڪ دير تائين ٻاهر نه بيهن ۽ ڇٽي جو استعمال لازمي ڪن . موسميات کاتي جي قومي مرڪز مطابق 7 ذوالحج کان 13 ذوالحج تائين مشاعر مقدس ۾ گرمي پد 44 کان 47 ڊگري سينٽي گريڊ جڏهن ته هوا ۾ نمي جو شرح 20 کان 60 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي .