ابوظھبي – 05 جون (اي پي پي) گڏيل عرب امارات ۾ عيدالاضحيٰ جي مناسبت سان 2471 قيدين کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھي قدم حڪومت جي ان خواھش جو مظھر آھن ته قانون جي ڀڃڪڙي سبب سزا مليل ماڻھن کي ھڪ ڀيرو ٻيھر معاشري جو ڪارائتو ماڻھو بڻجڻ جو موقعو ڏنو وڃي. گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد 963 اھڙن قيدين جي رھائي جو حڪم ڏنو آھي جن کي مختلف ڪيسن ۾ سزائون ڏنيون ويو ھيون. ان سان گڏو گڏ ھن انھن ماڻھن تي لاڳو مالي ڏنڊ به پاڻ ادا ڪيا آھن ته جيئن ھو عيد جي موقعي تي نئين زندگي جي شروعات ڪري سگھن. اھڙي طرح نائب صدر ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد به 985 قيدين جي رھائي جو اعلان ڏنو آھي، جيڪي مختلف قومن سان تعلق رکندڙ آھن. انھن قيدين جي رھائي لاءِ دبئي جي پبلڪ پراسيڪيوشن فوري قدم شروع ڪري ڇڏيا آھن ۽ دبئي پوليس سان جامع طور ڪم جاري آھي.