غزه-05 جون (اي پي پي) غزه ۾ گذريل ڏينهن صبح اسرائيلي حملن ۾ 10 فلسطيني شهيد ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب غزه جي شهري دفاع جي ايجنسي جي ترجمان ٻڌايو ته اسرائيلي فوج جي خميس جي صبح کان جاري حملن ۾ 10 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.هن وڌيڪ چيو ته اسرائيلي فوج هڪ اهڙي علائقي جي نشانو بنايو جتي بي گهر شهري ڏکڻ واري شهر خان يونس ۾ پناهه ورتي هئي ۽ غزه شهر ۽ دير البلاح جي مرڪزي علائقي ۾ گهر قائم هئا. غزه جي صحت واري وزارت موج 18 مارچ تي اسرائيل طرفان ٻيهر حملا شروع ڪرڻ کانپوءِ 4335 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جنهن کانپوءِ غزه ۾ جنگ ۾ شهيد ٿيلن جو مجموعي انگ 54607 ٿي ويو آهي.