اسلام آباد-05 جون (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب خان کچي سان آبي وسيلن واري وفاقي وزير ميان محمد معين وٽو ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري اڳوڻي وفاقي وزير چنگيز خان جمالي ملاقات ڪئي جنهن ۾ بلوچستان ۽ پنجاب ۾ پاڻي جي مسئلن ۽ وقت کان اڳ ٻوڏ کان بچاءُ جي قدمن بابت خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير ميان محمد معين وٽو ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڻي جي ورهاست لاءِ موجوده فارمولي موجب هر صوبي کي ان جو حصو ڏنو ويندو ۽ ڪنهن صوبي جو پاڻي ٻي صوبي ڏانهن منتقل نه ڪيو ويندو. وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو ته ثقافتي ورثي جي تحفظ سان گڏوگڏ ماحولياتي تحفظ به اسان جي ذميواري آهي، هن چيو ته ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ اڳواٽ قدم ۽ آبي وسيلن جو اثرائتو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي. اڳوڻي وفاقي وزير چنگيز خان جمالي چيو ته وفاقي حڪومت کي صوبن سان گڏجي جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن مسئلن جو پائيدار حل ڪڍي سگهجي. ملاقات دوران ٽنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڻي جي مسئلن ۽ ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ ويجهي سهڪار ۽ جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي. هنن ان عزم جو اظهار ڪيو ته سمورن لاڳاپيل ادارن سان گڏجي انهن مسئلن جو حل ڳوليو وڃي ته جيئن عوام کي درپيش مسئلا حل ڪري سگهجن.