اسلام آباد-05 جون (اي پي پي)قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب کچي سان قومي ورثي ۽ ثقافت واري پارلياماني سيڪريٽري فرح ناز اڪبر سان گڏ ملاله فنڊ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر نشاط رياض وزارت جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات جو مقصد سڄي ملڪ، خاص ڪري گلگت بلتستان ۾ ثقافتي ورثي جي تحفظ، ان کي هٿي ڏيڻ ۽ ثقافتي چئلينجن جي حوالي سان گڏيل ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ هو. وفاقي وزير اورنگزيب کچي ملاله فنڊ جي تعليم، صنفي برابري ۽ ثقافتي هم آهنگي لاءِ جاري قدمن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جو ثقافتي ورثي اسان جي قومي سڃاڻپ جو اهم ٿنڀ آهي جنهن جو تحفظ ۽ ان کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. نشاط رياض ملاله فنڊ طرفان تعليم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ جاري منصوبن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ۽ خاص طور تي گلگت بلتستان ۾ عورتن ۽ نوجوانن کي ثقافتي سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته ملاله فنڊ نه رڳو تعليم پر ثقافتي ترقي کي به اهميت ڏي ٿو ۽ پاڪستان جي تاريخي ۽ ثقافتي سرمائي جي تحفظ لاءِ حڪومت سان حصيداري واري عمل کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿو. ان موقعي تي مختلف تجويزون غور هيٺ آيون جن ۾ مقامي ثقافتن جي دستاويزڪاري، ثقافتي ميوزمز قائم ڪرڻ، نوجوانن فنڪارن جي سرپرستي ۽ ثقافتي تقريبون منعقد ڪرڻ شامل هيون. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته مستقبل ۾ گڏيل سهڪار کي وڌايو وڃي ته جيئن ثقافتي ورثي کي نئين نسل تائين منتقل ڪري سگهجي. وفاقي وزير اورنگزيب کچي ملاله فنڊ کي وزارت جي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائيندي چيو ته تعليم ۽ ثقافت هڪٻئي لاءِ ضروري آهن ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل ڪوششون ڏور رس نتيجا آڻينديون.