اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته صاف، سرسبز ۽ محفوظ ماحول جي فراهمي ايندڙ نسلن جو بنيادي حق آهي، ماحولياتي تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي، پاڪستان جو عالمي سطح تي گرين هائوس گيسن جي نيڪاليءَ ۾ حصو صرف 0.5 سيڪڙو آهي، پر ان ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديلين سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. اهڙو اظهار هن عالمي ماحولياتي واري ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ ڪيو جيڪو هر سال گڏيل قومن تحت 5 جون تي سڄي دنيا ۾ ملهايو وڃي ٿو. اسپيڪر چيو ته گرمي پد ۾ واڌ، برساتن جي غير متوقع نظام، گليشيئرز جو تيزيءَ سان پگهرجڻ ۽ ٻوڏ پاڪستان جي ماحول تي گهرا اثر وجهي رهيو آهي، جنهن سان نه صرف معيشت متاثر ٿي رهي آهي پر انساني زندگي کي به سنگين خطرا موجود آهن. هن چيو ته ماحولياتي نقصان پائيدار ترقياتي هدفن جي حاصل ڪرڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن، جيڪڏهن ان سلسلي ۾ فوري ۽ مربوط قدم نه کنيا ويا ته ملڪ کي موسمياتي تبديلين سان وڌيڪ نقصان برداشت ڪرڻو پئجي سگهجي ٿو. اسپيڪر چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ ماحوليات بابت آگاهي ۽ قانون سازيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته ماحولياتي تحفظ بابت پارلياماني ڪميٽيون فعال طور تي ڪم ڪري رهيون آهن ۽ سڄي ملڪ ۾ وڻڪاري، پاڻيءَ جي وسيلن جي تحفظ، فضائي گدلاڻ جي خاتمي ۽ ماحولياتي تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪيترائي قدم تجويز ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ان سلسلي ۾ پاڪستان جي پارليامينٽ ماحولياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ ۽ ماحولياتي پائيداري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مؤثر قانونسازي ۽ پاليسين جي جوڙجڪ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستان ڪلائميٽ چينج ايڪٽ 2017ع جي منظوري ۽ پيرس ماحولياتي معاهدي 2015ع جي توثيق ان ڳالهه جو چِٽو ثبوت آهن ته پاڪستان عالمي ماحولياتي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. ان حوالي سان اسپيڪر عالمي برداريءَ تي زور ڀريو ته هو اُسرندڙ ملڪن جهڙوڪ پاڪستان جي معاونت ڪن، جيڪو عالمي ڪاربن خارج ڪرڻ ۾ معمولي حصو وجهڻ باوجود ماحولياتي آفتن جو سڀ کان وڌيڪ نشانو بنجي رهي آهي. هن چيو ته ماحولياتي انصاف جي گهرج آهي ته سڀ گڏجي برابريءَ واري انداز قدم کڻن ته جيئن سڀني لاءِ پائيدار مستقبل کي يقيني بنائي سگهجي. ان موقعي تي قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو ته ماحولياتي گدلاڻ نه صرف انساني صحت لاءِ خطرو آهن پر حياتياتي جدت، زرعي پيداوار ۽ ملڪي معيشت کي به متاثر ڪري رهي آهي. هن چيو ته ماحول جو تحفظ صرف حڪومت يا ادارن جو ڪم ناهي پر هر شهريءَ کي ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن نوجوان نسل تي زور ڀريو ته هو ماحول دوست رويو اختيار ڪن ۽ زمين کي محفوظ بنائڻ جي جدوجهد ۾ ڀرپور حصو وٺن.