اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته حڪومت 9 هزار ميگاواٽ جا مهانگا ۽ غير ضروري منصوبا ختم ڪيا، جيڪي بجلي جي نظام تي بار بڻجي رهيا هئا. حڪومت ڪنهن به صارف يا ڪاروبار کي نقصان پهچائڻ جو اِرادو نٿو رکي، سمورا فيصلا ملڪي مفاد ۽ توانائيءَ جي نظام جي ڊگهي مُدي واري پائيداريءَ کي نظر ۾ رکندي ڪيا پيا وڃن. اهڙو اظهار هن پرائيويٽ پاور اينڊ انفراسٽرڪچر بورڊ (پي پي آءِ بي) ۾ نيٽ ميٽرنگ بابت نيٽ بلنگ جي نظام ۾ منتقلي جي حوالي سان رٿيل مشاورتي اجلاس کي خطاب ۾ ڪيو. اجلاس ۾ سولر انڊسٽريءَ سان واڳيل ماهرن، لاڳاپيل سرڪاري ادارن، صوبائي حڪومت سميت ٻين اسٽيڪ هولڊرز به شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت نيٽ ميٽرنگ کي ختم نه ڪري رهي آهي، پر ان جي موجوده طريقيڪار کي هڪ وڌيڪ مؤثر، شفاف ۽ پائيدار ماڊل ۾ تبديل ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي. اويس لغاري جو چوڻ هو ته18- 2017ع ۾ هن پاڻ نيٽ ميٽرنگ کي متعارف ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ان وقت هي نظام شروعاتي مرحلي ۾ هو، هاڻي جڏهن نيٽ ميٽرنگ جو دائرو وسيع ٿي چڪو آهي، ان جو گرڊ تي سنجيده اثر پئجي رهيا آهن، جن جو وقت سر ازالو ضروري آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت ڪنهن به صارف يا ڪاروبار کي نقصان پهچائڻ جو ارادو نٿي رکي، پر سمورا فيصلا ملڪي مفاد ۽ توانائي جي نظام جي ڊگهي مدي واري پائيداري کي نظر ۾ رکي ڪيا پيا وڃن. اسان اهو نه چئي رهيا آهيون ته نيٽ ميٽرنگ وارا صارف اسان کي بجلي سڀ کان سستي بجلي جي ذريعن جي اگهن تي فراهم ڪن، جيڪڏهن اسان يونٽس جي خريداري جو ذڪر ڪريون ٿا ته ان باري ۾ به غور ويچار جاري آهي ۽ ان کي انرجي خريداري پرائيس تي آڻڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي ته جيئن اگهن ۾ لاهن چاڙهن سان هي نظام پاڻمرادو ايڊجسٽ ٿئي، هي سموريون تجويزون غور هيٺ آهن. وفاقي وزير چيو ته نيٽ ميٽرنگ صارفين لاءِ پي بيڪ پيريڊ جيڪڏهن اٽڪل ٽي سال يا ان کان گهٽ آهي ته هي ڪنهن به سيڙپڪاري لاءِ موزون مدو آهي. جيڪڏهن هڪ صارف 40 سيڪڙو بجلي پاڻ استعمال ڪري رهيو آهي ته ٽن سالن ۾ رقم جي واپسي هڪ قابل قبول واپاري ماڊل آهي، هي سڌارا حوصلا خطا ڪندڙ نه پر هڪ بهتر، متوازن ۽ پائيدار نظام ڏانهن اڳڀرائي آهي. اجلاس دوران وفاقي وزير ملڪ ۾ جاري توانائي سڌارن جو جامع خاڪو پيش ڪيو. هن ٻڌايو ته حڪومت 9000 ميگاواٽ جا مهانگا ۽ غير ضروري منصوبا ختم ڪيا، جيڪي بجلي جي نظام تي بار بڻجي رهيا هئا، هن ٻڌايو ته ڪيپٽو پاور صارفين تي ليوي لاڳو ڪري کين گرڊ طرف واپس آندو ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ بجلي جي طلب ۾ واڌ ٿي آهي. جون 2024ع کان هن وقت تائين صنعت کي ڏني ويندڙ ان سبسڊي جو ڳاڻيٽو 174 ارب روپيا آهي جنهن سان صنعتي اگهن ۾ 31 سيڪڙو تائين گهٽتائي آئي ۽ صنعتي کپت ۾ نمايان واڌ ٿي آهي، هن چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ مختلف صارفين لاءِ 14 کان 18 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي وئي آهي جيڪا ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته حڪومتي سڌارا عملي طور اثر ڏيکاري رهيا آهن. ان کانسواءِ حڪومت وڏن آءِ پي پيز سان معاهدن تي ٻيهر ڳالهيون ڪري رهي آهي جنهن سان اگهن ۾ واضح گهٽتائي آئي ۽ بجلي جي ڊگهي مدي وارن منصوبن ۾ اهڙا منصوبا شامل نه ڪيا ويا جن جي ضرورت نه هئي. وفاقي وزير اهو پڻ ٻڌايو ته حڪومت وٽ هن وقت 7 هزار ميگاواٽ واڌو بجلي موجود آهي جيڪا بنا ڪنهن سبسڊي جي 7 کان 7.5 سينٽ ۾ صنعت ۽ زراعت کي ڏني وڃي ٿي، اسان 6 مهينن کان اسڪيم جي منظوري لاءِ آءِ ايم ايف سان مشاورت ڪري رهيا آهيون، جيتوڻيڪ اسان تي سڌي ريت ڪو به مالي دٻاءُ ناهي. اسان جو مقصد هي آهي ته بجلي جي سپلائي ۽ ڊمانڊ کي توازن ۾ رکيو وڃي ته جيئن نظام مضبوط ۽ صارفين کي فائدو پهچي. اويس لغاري ان ڳالهه تي زور ڀريو ته گرڊ جي بهتري حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي، انٽيگريٽڊ گرڊ ۽ آف گرڊ ٻنهي لاءِ اسان جديد ۽ موثر حل آڻي رهيا آهيون، هن ان ڳالهه جو عزم ورجايو ته سمورا سڌارا هڪ جامع حڪمت عملي تحت ڪيا پيا وڃن ۽ ڪي به قدم تڪڙ ۾ يا عارضي بنياد تي نه پيا ڪيا وڃن. هي وقت آهي ته اسان توانائي جي نظام کي جديد رخن تي آڻيون، شرڪت ڪندڙن جي پيش ڪيل تجويزن تي موثر اڳڀرائي ٿيندي ته جيئن هي عمل وڌيڪ موثر، جامع ۽ سڀني جي مفاد ۾ هجي.