اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته دواسازي جي روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي انتظام هيٺ فارم ايڪس پاڪستان جي نالي سان هڪ بااختيار ڪائونسل قائم ڪئي پئي وڃي، ڪائونسل جي قيام سان ان شعبي جي روانگي واپار 700 ملين آمريڪي ڊالرن کان وڌي 3 ارب آمريڪي ڊالرن تائين پهچي سگهي ٿي. اهڙو اظهار هن پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينوفيڪچرنگ ايسوسيئيشن جي چيئرمين توقير الحق سان ملاقات ۾ ڪيو. واپار واري وزير ايسوسيئيشن جي وفد کي چيو ته دوسازي جو شعبو بي پناهه روانگي واپار جي صلاحيت رکي ٿو ۽ فارم ايڪس پاڪستان هاڻ صرف ٻن قدم پري آهي، ان کي مڪمل طور تي جلد فعال ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته هر گذرندڙ ڏينهن سان اسان جا لاڳاپا افغانستان ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن سان وڌيڪ مضبوط ۽ جامع ٿي رهيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ دواسازي جي روانگي واپار ۾ به واڌ ٿيندي. پاڪستان فارما سيوٽيڪل مينوفيڪچرنگ ايسوسئيشن جي چيئرمين چيو ته واپار واري وزير جي هن موثر حڪمت عملي سان صنعت کي وڏي مالي نقصان کان بچڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ان قدم سان ان شعبي ۾ ترقي جون نيون راهون کلنديون، توقير الحق افغانستان کي هڪ اهم مارڪيٽ قرار ڏيندي اتي دواسازي جي روانگي واپار ۾ وڌيڪ سهولتون ڏيڻ تي زور ڀريو ۽ ان سلسلي ۾ واپار واري وزير جي پاليسي تعاون جي خاطري جي آجيان ڪئي. وفاقي وزير ايسوسيئيشن کي خاطري ڪرائي ته واپار واري وزارت دواسازي جو روانگي واپار ڪندڙن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي، هن چيو ته وزارت ۾ هڪ خصوصي ايڪسپورٽر فسيليٽيشن ڊيسڪ قائم ڪئي پئي وڃي ته جيئن صنعت کي اهڙن اهم معاملن ۾ فوري حڪومت مدد فراهم ڪري سگهجي جن ۾ فوري مداخلت جي ضرورت هجي.