اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري ڪراچي پورٽ ٽرسٽ(ڪي پي ٽي) ۾ رٿيل هڪ تقريب جي صدارت ڪندي ڏهين ڪلاس جي بورڊ امتحانن ۾ اي ون گريڊ حاصل ڪندڙ 22 هوشيار شاگردياڻين کي في شاگرياڻين کي 25 هزار روپين جي روڪ رقم جي انعامن سان نوازيو ويو. هي تقريب ان لحاظ کان يادگار آهي ته پهرين ڀيرو سمورن نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردياڻيون هيون. سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير استادن جي محنت کي ساراهيو جن جي رهنمائي سان شاگردياڻين شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون کين به روڪ رقم جي انعام سان نوازيو ويو. پنهنجي خطاب ۾ جنيد انوار چوڌري نوجوان نسل جي قومي ترقي ۾ اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته اسان جا نوجوان اسان جو قيمتي سرمايو آهن. اهي نوجوان سڀاڻ جا اڳواڻ هوندا ۽ زندگي جي مختلف شعبن ۾ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندا. تقريب ۾ ڪي پي ٽي انڊسٽريل هوم ڪمپيوٽر سينٽر ڪياماڙي مان تعليم پرائي نڪتل شاگردياڻين کي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا. وفاقي وزير عورتن لاءِ قائم ان ڪمپيوٽر سينٽر کي ساراهيندي چيو ته ان اداري عيوض عورتن کي ڊجيٽل تعليم فراهم ڪرڻ ممڪن ٿيو آهي جيڪو سندن روزگار جا موقعا وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن پنهنجي خطاب ۾ ميڊيا جي مثبت ڪردار ۽ ڪميونٽي جي شموليت کي به ساراهيو. خاص طور تي ميڊيا طرفان پرڏيهي پروپيگنڊا جو موثر جواب ڏيڻ تي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان جي عوام، ميڊيا ۽ هٿياربند فوج وچ ۾ اتحاد ئي اسان جي سڀ کان وڏي طاقت آهي جنهن کي ٻاهريون قوتون ختم نٿيون ڪري سگهن.