اسلام آباد-30 مئي (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري چيو آهي ته ترڪيه هميشه ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق جي حمايت ڪئي آهي، اميد ته ترڪيه آئنده به ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق جي حمايت جاري رکندو ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. آزاد ڪشمير جي صدر جي ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن ڪالهه هتي ايوان صدر ڪشمير هائوس اسلام آباد ۾ ترڪ سفير ڊاڪٽر عرفان نذر اوغلو سان ملاقات ۾ ڪيو. ان موقعي تي ترڪ سفارتخاني جو قونصلر جو به موجود هئي. جڏهن ته ترڪ سفير ڊاڪٽر عرفان نذر اوغلو چيو آهي ته ترڪيه ڪشميري عوام جي حمايت جاري رکندو ۽ هر فورم تي گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق لاءِ آواز اٿاريندو رهندو. ترڪيه آزاد ڪشمير ۾ تعليم ۽ ٻين مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندو.