اسلام آباد-30 مئي (اي پي پي)وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان چيو آهي ته حڪومت ۽ صنعتن ۽ پيداوار واري وزارت صنعتي شعبي جي حق ۾ ٽيرف پاليسي بورڊ ۾ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. اها ڳالهه هن ٽرانسشن ٽيڪنو جي سي اي او عامر الله والا ۽ انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ جي نمائندن سان موبائيل فون ڊوائيس پاليسي تي هڪ زوم ميٽنگ دوران چئي. زوم ميٽنگ ۾ موبائيل فون ڊوائيس پاليسي، ٽيرف ڊيوٽي جي چئيلنجز، موبائيل فون جي روانگي واپار، استعمال ٿيل گاڏين ۽ موبائيل فونز جي بازار سميت صنعت ۾ فني جدت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هارون اختر خان ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۾ 38 موبائيل فون ڪمپنيون 40 هزار روزگار جا موقعا فراهم ڪري چڪيون آهن، جيڪي موبائيل فون صنعت جي عالمي روانگي واپار جي زبردست صلاحيت کي ظاهر ڪن ٿا. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تحت حڪومت جي پهرين ترجيح صنعتي شعبي کي هٿي وٺرائڻ، مقامي صنعت کي رعايتون ڏيڻ ۽ روانگي واپار ۾ واڌ حڪومت جون سڀ کان وڏيون ترجيحون آهن. هارون اختر چيو ته جيڪڏهن صنعت ٽيڪنالاجي اپگريڊيشن اختيار ڪري ته پاڪستان خطي ۾ مقابلو ڪري سگهي ٿو. سيڙپڪاري آڻڻ ۽ روانگي واپار وڌائڻ ملڪ لاءِ اهم سنگ ميل هوندو. هن خاطري ڪرائي ته حڪومت ۽ صنعتن ۽ پيداوار واري وزارت صنعتي شعبي جي حق ۾ ٽيرف پاليسي بورڊ ۾ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي.